نوجوان مٿان تيزاب هاريندڙ جوابدار پوليس هٿان گرفتار

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) تنگواڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ صحبت خان ڏاھاڻي جي رھائشي جميل احمدشيخ ثناءُاللھ شيخ مٿان تيزاب ھاري زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي فوري علاج لاءِ تنگواڻي اسپتال نيو ويو جتان ڊاڪٽرن پاران جسم جو 40 فيصد حصو سڙي وڃڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال ڏانھن اماڻيو ويو. پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جوابدار جميل احمد شيخ کي گرفتار ڪري ورتو.

ان سلسلي ۾ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي جي جانچ ڪريون پيا زخمي نوجوان جي وارثن پاران اڃا ڪو به واضح بيان سامھون ڪونه آيو آھي ۽ نه وري ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي جيئين ئي اصل حقيقت جي خبر پوندي جوابدار خلاف وڌيڪ ڪيس داخل ڪري ڪارروائي وڌائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو