نوجوان جو پر اسرار نموني لاش هٿ، گهر ۾ ڪهرام

ٺل(ن س)شهر جي باءِ پاس لڳ ٺهندڙ نئين جاءِ جي ڊي پي سي ۽ اڌ اوساريل ڀت اندران  نوجوان جو لاش مليو،علائقي واسين   پوليس کي اطلاع ڏنو ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ، جتي لاش جي سڃاڻپ 25 سالا محمد اعظم ڀٽي طور ٿي جيڪو ڀٽي محلا جو رهواسي هيو، ڊاڪٽرن پاران پوسٽ لاء جزا ورتا ويا، فوتي نوجوان اعظم ڀٽي جا وارث به پهچي ويا،ضروري ڪاروائين کان پوء پوليس پاران لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو