نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، وارثن ۽ جسقم جو مظاهرو

ٺل( ن سنڌيار)اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باگڙ لاڙي وٽ ڪجهه وقت اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان اعجاز سومرو جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سومرا برادري ۽ جسقم (بشير قريشي)پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين روڊ بلاڪ ڪندي پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن ڪامريڊ لياقت سرڪي، عباس ٻرڙو ، منصب سومرو ۽ ٻين چيو ته چار مهينا اڳ هٿياربندن پاران نوجوان اعجاز سومرو کي قتل ڪيو ويو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري.هنن چيو ته قاتل مقتول اعجاز سومرو جي وارثن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر پوليس خاموش بڻيل آهي ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن چيو ته شهيد اعجاز سومرو جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو