نوجوانن کي برائين کان بچائڻ لاءِ لائبريرين کي فعال بڻايو،اعجاز تيوڻو

جيڪڏهن معاشري ۽ نوجوان نسل کي تعليم جي راھ تي گامزن ۽ علم جي ذخيري سان مالا مال ڪرڻو آھي ته تعليمي ادارن سميت لائبريرين کي فعال بنائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون پونديون اھا به حقيقت آھي ته ڪتاب کان بهتر ڪو ٻيو سچو دوست ناھي جيڪڏهن اسان انهن سچن دوستن جو قدر نه ڪنداسين ته ڪابه منزل ماڻي نه سگهنداسين.اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري،غربت ۽ ٻين سبب جي ڪري ھر ماڻھون  ڪتاب نٿو خريد ڪري سگهي خاص ڪري غريب طبقي جا ماڻھون جن وٽ کائڻ لاءِ پئسا ناھن اھي ڪتاب ڪئين خريد ڪري سگهندا جڏھن ته غريب شاگرد خرچ نه هئڻ جي ڪري بهتر تعليم حاصل ڪري نه سگهيا اھي ماڻهوَ دنيا جو علم حاصل ڪرڻ لا مھانگا  ڪتاب ڪئين خريد ڪري سگهندا ڪئين عالمي ڄاڻ حاصل ڪري  سگهندا جيڪڏهن انهن وٺ لائبريري جھڙي سهولت موجود ھوندي ته اهي پنهجي علم ۾ اضافو ڪري سگهندو علم ھڪ وسيع خزانو آهي جيڪو صرف ڪورس جي ڪتابن ۾ ئي نٿو ملي ڇو ته علم سياسي سماجي ادبي عالمي ڄاڻ ۽ ٻين موضوعن جي وسيع ڄاڻ جو جهان آهي دنيا ۾ اھي قومون ترقي يافته آھن جن پنهجي ٻارن کي اسڪولن،ڪاليجن يونيورسٽين ۾ تعليم سان گڏ لائبريرين سان ڳنڍيو آھي عالمن، مفڪرن، سائنسدانن ڪتابن مان ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آۡهي لائيبريري هڪ جاءِ يا چار ديواري نه پر  لائيبريري  ڄاڻ جي کاڻ آھي ڇاڪاڻ ته لائبريري تعليم جي حوالي سان ريڙھ جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿي. مان اتي پنھنجي شھر ڄام صاحب جو ضرور ذڪر ڪندس جيڪو تعليم جي حوالي سان ڪافي پوئتي پيل آھي ان جو سبب تعليمي ادارن ۽ لائبريري ۾ سھولتن جي کوٽ آھي ڄام صاحب شھر جتي ھزارن جي تعداد ۾ شاگرد شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رھيون آھن انھن لاء صرف هڪ ڪمري تي مشتمل شهيد صبغت الله شاھ المعروف سورھيه بادشاهه جي نالي سان لائبريري آھي جيڪا 1985ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي دور  ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه ڄام صاحب شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي ڪوششن سان منظور ڪئي لائبريري جي قيام کانپوءِ ڄام صاحب سميت آسپاس علائقن جا شاگرد، اديب،دانشور ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ پنھنجو گھڻون وقت لائبريري ۾ گذاريندا ھئا ته جئين ڄاڻ حاصل ڪري پنھنجي معاشري کي اونداھه مان ڪڍي علم جي روشني ۾ آڻي سگھجي بدقسمتي سان ڪجھ سالن کان پوءِ اھا لائبريري سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏيڻ لڳي ھئي ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ٽائون ڪميٽي ڄام صاحب جي چئيرمين فقير نويد حسين وسطڙو لائبريري جي مرمت ڪرائي آهي پر ھن وقت لائبريري ۾ ڪتابن، فرنيچر، بجلي سميت ڪيترن ئي سھولتن جي کوٽ آھي جن جي پورائي لاءِ سرڪاري، نجي ادارن ۽ شعور رکندڙ ماڻھن کي اڳتي اچڻ گهرجي جڏھن ته لائبريري جي فعال نه ھجڻ ڪري ڪيترائي شاگرد اسڪول ٽائيم کان پوءِ ھوٽلن تي ويھي وقت گذارين ٿا ۽ سماجي برائين طرف وڃي رھيا آھن هي صرف ڄام صاحب شهر جي لائبريري ئي مسئلن جي ور چڙهيل ناهي پر سنڌ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي لائيبريريون پڻ مسئلن جو شڪار آهن سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهرن جي نوجوانن جو اهو جائز مطالبو آهي ته  قائم لائبريرن کي فعال بڻايو وڃي. اسان کي اهو پڻ ڄاڻڻ گهرجي ته بهتر تعليمي ادارا ۽ لائبريريون ئي بهتر مستقبل جون ضامن هونديون آهن ۽ انهي سان ئي سماج، تاريخ ۽ قومن جي بقا آهي.اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا  ته ڄام صاحب جي لائبريري سميت سنڌ جون جيڪي به لائبريريون مسئلن جي ور چڙهيل آهن انهن جا سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ جن به ضلعن جي هيڊڪوارٽرن شهرن ۾ لائبريريون ناهين اتي نيون لائيبريرون قائم ڪيون وڃن جنهن لاءِ ان علائقي جي بلدياتي ادارن کي پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي مان هتي تعليمي شعور رکندڙ وس وارن دوستن کي پڻ گذارش ڪندس ته ڄام صاحب جي لائبريري لاءِ ڪتابن سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪندا ته جئين نوجوان نسل سماجي برائين کان بچي سگھي  ڇاڪاڻ ته لائبريرين سان ئي سنڌ جو روشن  مستقبل واڳيل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو