نواز ۽ ساٿين، رئيساڻي ۽ ٻين خلاف ريفرنس جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال خلاف ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران نواز شريف جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ بي آفتاب سلطان خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، نيب بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي ۽ سندس ڀاءُ لشڪري رئيساڻي خلاف به پنهنجا نوازي جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، اجلاس ۾ نواز ليگ ايم اين اي راڻا ثناءُ الله ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي عليم خان خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي، اجلاس کي خطاب دوران نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته نيب رياست جو اهم ادارو آهي، ڪنهن پارٽي، گروهه يا فردن سان ڪوبه واسطو نه آهي، ميگا ڪرپشن جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائڻ نيب جي پهرين ترجيح آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو