نواز ليگ وارا بوٽ پالش جو سامان کڻي بيٺا آهن، بوٽ نٿو ملي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي هڪ بيان ۾ ن ليگ تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته جيڪي ماڻهو ڏيهه واپسيءَ لاءِ ڊيلن جو انتظار ڪري رهيا آهن اهي سياست ۾ بونا ئي رهندا. هن چيو ته ن ليگ وارا بوٽ پالش ڪرڻ جو سامان کڻي بيٺا آهن، پر ڪير بوٽ اڳتي ڪري ئي نه پيو. نون ليگ جي حوالي سان هن وڌيڪ چيو ته توهان پاڪستان جا ڪارا دور آهيو ۽ هوائن جو رخ هاڻي توهان ڏانهن ناهي، روشني ٿيندي آهي ته اونداهي ختم ٿي ويندي آهي ۽ پاڪستان ۾ اهو ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو