نواز شريف کي سزا ڏيندڙ جج ارشد ملڪ ڪورونا سبب فوت

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)قومي احتساب بيورو نيب عدالت جو اڳوڻو جج ارشد ملڪ ڪورونا سبب فوت ٿي ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته ارشد ملڪ ڪورونا جي علاج لاءِ اسلام آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل هو. ارشد ملڪ جي ڀيڻ وحيد جاويد سندس موت جي تصديق ڪئي  اڳوڻو جج گذريل 25 ڏينهن کان اسلام آباد جي هڪ اسپتال شفا ۾ علاج هيٺ هو.ارشد ملڪ جي حالت گذريل 2 ڏينهن کان تمام نازڪ هئي ۽ هو وينٽي ليٽر تي هو  ارشد ملڪ جي جنازي نماز منديرا ۾ ادا ڪئي ويندي .جڏهن ته تدفين به منڊيرا ڳوٺ ۾ ٿيندي. ياد رهي ته جج ارشد ملڪ 4 ڊسمبر 2018 تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيا اسٽيل ملز ڪرپشن ريفرنس ۾ 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. جڏهن ته 6 جولاءِ 2019 تي اسلام آباد جي احتساب عدالت جي اڳوڻي جج ارشد ملڪ جو هڪ وڊيو اسڪينڊل منظر عام تي آيو  جنهن کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو ڳن کانپوءِ  لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کيس سيشن ڪورٽ لاهور اسپيشل ڊيوٽي آفيسر او ايس ڊي مقرر ڪيو ۽ معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو هو. معاملي جي انڪوائري لاءِ جسٽس سردار احمد نعيم کي انڪوائري جج مقرر ڪيو ويو  هن تحقيق مڪمل ڪئي ۽ رپورٽ ايگزيڪٽو ڪميٽي کي پيش ڪئي البته ارشد ملڪ ڪميٽي آڏو پيش ٿيو ۽ مٿن الزامات کي من گھڙت ۽ ڪوڙو قرار ڏنو۽ هن الزامن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جج ارشد ملڪ دعويٰ ڪئي هئي ته مسلم ليگ (ن) جي نمائندن کيس رشوت جي آڇ ڪئي ۽ کيس خوفناڪ نتيجا ڀوڳڻ  جي ڌمڪي ڏني هئي ته نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ڏي ۽ آخر ۾ هن کي استعيفا ڏيڻ تي  مجبور ڪيو ويو هو. بعد ۾ 12 جولاءِ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جج ارشد ملڪ کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هڪ خط لکيو ، جنهن تي وزارت قانون احتساب عدالت نمبر 2 جي جج کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان روڪيو هو ۽ ڊويزن ڏانهن رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان کانپوءِ هن سال 3 جولاءِ تي ، لاهور هاءِ ڪورٽ جي انتظاميا ڪميٽي جج ارشد ملڪ کي سندس عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو