نواز شريف هاڻي ڪڏهن اقتدار ۾ نه ايندو، شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آھي تھ نواز شريف فوج خلاف بدزباني پيو ڪري، سڄي عمر ڪوشش ڪري پر اقتدار جو منهن نه ڏسي سگهندو، نواز شريف فوج، اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران مخالف ايجنڊا ۾ انتها تي به وڃڻ لاءِ تيار آهي، نواز شريف ڏيهه واپس اچڻ لاءِ تيار آهي ته فوري طور چارٽر جهاز ڏئي سگهون ٿا، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پريس ڪانفرنس ڪندي نواز ليگ تي تنقيدي وار ڪيا، شيخ رشيد احمد وڌيڪ چيو ته نواز شريف وارا جيستائين پنهنجي سياست مان غيرپارلياماني ۽ غير ذميواراڻي ٻولي ختم نه ڪندا، تيستائين سندن ڪو سياسي مستقبل نه هوندو، وڏا جلسا ڪرڻ سان گهڻا ووٽ ناهن ملندا، آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ اڪيلي سر حڪومت ٺاهي پئي آهي، ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ اندر به پي ٽي آءِ جي حڪومت ايندي. وفاقي گهرو وزير طرفان 14 آگست کان اڳ نادرا ۾ سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ تصديق، ترديد ۽ تجديد جو نظام آڻڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آھي، نادرا چيئرمين کي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ وزيرن طرفان چونڊن ۾ جاري ڪرايل سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي هدايت، سالن کان غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي 14 آگسٽ تائين ملڪ ڇڏڻ جي وارننگ ڏني وئي آھي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هزارين پرڏيهين ويزا به رينيو نه ڪرايو آهي، اُهي 14 آگسٽ تائين ويزا رينيو ڪرائين ته ڏنڊ نه ورتو ويندو، ڀارت ۽ اسرائيل طرفان ڀارت خلاف هائيبرڊ وار شروع ڪئي وئي آهي، عالمي سوشل ميڊيا ذريعي نادرا کي به بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪراچي ۾ 7 سالن دوران جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ تي 39 ملازم ڪڍيا ويا آهن، ملتان، لاهور ۽ راولپنڊي مان به اهڙن نادرا آفيسرز کي نيڪالي ڏني ويندي، ناري نور مقدم قتل ڪيس ۾ جوابدار کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي، اي سي ايل ۾ به سندس نالو شامل ڪيو ويندو، اهڙو نظام هجڻ گهرجي جو قاتل، ڪرپٽ ۽ چور کي ٿڏي تي سزا ملي وڃي، ايف آءِ ي جي سائبر ڪرائيم ونگ به ٿڪل آهي، ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران تنگ ڪيو ٿو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو