نواز شريف جي تقريرن تي پابندي بابت درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تقريرن تي پابندي واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، چيف جسٽس اطهر من الله طرفان 5 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري  لکيو ته درخواست گذار مطمئن نه ڪري سگهيو ته نواز شريف جي تقريرن سان سندس ڪهڙا حق متاثر ٿي رهيا آهن، ، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سياسي معاملن کي عدالت ۾ آڻڻ عوامي مفادن وٽان نه آهي، اهڙي قسم جون درخواستون لاڳاپيل فورم تي داخل ڪيون وڃن، عدالت شهري عامر عزيز جي درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو