نواز شريف اچي نه پيو، کيس واپس آڻي رهيا آهيون،فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف کي اسين واپس آڻينداسين، هو پاڻ ڪڏهن به واپس نه ايندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته برطانيا سان گڏجي قانون سازي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، نواز شريف کي واپس اچڻو پوندو، راڻا شميم جي بيان حلفي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيتري وڏي سيسيلين مافيا آهي، نواز شريف پاڻ واپس نه ايندو، مون هن جي ٻاهر وڃڻ جي مخالفت ڪئي هئي. فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن ۾ ڊيلي ويج سياستدان آهن، اهي پنهنجو اجورو خرچ ڪن ٿا، مولانا فضل الرحمان 3 سالن کان تاريخون ڏئي رهيو آهي، هنن چيو ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪنداسين، حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ عمران خان جهڙو ليڊر گهرجي. جنهن زبردست اپوزيشن جو ڪردر ادا ڪري هنن کي رڪ جا چڻا چٻرايا هئا. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته مخالف ڌر رڳو حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي، آءِ ايم ايف جو متبادل ڏيو، فنانس ترميمي بل قومي اسيمبلي جي ساڳئي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، ان سان عام ماڻهو تي ڪو به اثر نه پوندو.هن چيو ته گذريل حڪومتون ۽ ادارا هڪ ئي صفحي تي نه هئڻ سبب سڪيورٽي پاليسي به نه ٺاهي سگهيا، پهريون ڀيرو قومي سلامتي پاليسي ۾ اقتصادي حڪمت عملي کي جيو اسٽريٽجڪ پاليسي سان ڳنڍيو ويو. جيڪڏهن معيشت مضبوط نه ٿيندي ته سلامتي جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن عام ماڻهو معاشي، سماجي ۽ قانوني صورتحال کان مطمئن نه هوندو ته ملڪ جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو