’نواز سان ڊيل بي بنياد افواهه آهي، طالبان خلاف آپريشن جاري آهي‘

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته نواز شريف سان ڊيل جون ڳالھيون بي بنياد افواهه آھن، شاهديون ڏنيون وڃن ته نواز شريف سان ڊيل ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڊيل جا محرڪ ڪهڙا آهن؟ نئين سال جي پهرين پريس ڪانفرنس جيڪا اتفق سان ڪشميرين جي حق خود اراديٽ واري ڏينهن جي ايڇ ڪيو ۾ گهرائي تنهن ۾ هن سول ملٽري لاڳاپن بابت سوال تي چيو ته ٻنهي جي لاڳاپن ۾ ڪوبه مسئلو نه آهي. فوج حڪومت جي ماتحت آهي اسين سندن هدايتن تي عمل ڪندا آهيون. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي اِن سياست کان ٻاهر رکيو وڃي، هر هر چيو اٿئون ته پاڪ فوج کي سياسي مسئلن کان پري رکيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي ادارن ۽ ڪجهه فردن خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، مهم جو مقصد پاڪ فوج، حڪومت ۽ عوام ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ آهي، پاڪ فوج اهڙين سرگرمين کان چڱي طرح واقف آهي، ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ مهم هلائيندڙن کي پهرين جيان ناڪامي ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته معيشت جو هر شيءِ ۾ عمل دخل هوندو آهي پاڪستان جا معاشي چئلينجز نوان نه آهن. هن ٽي وي شوز جو حوالو ڏيندي چيو ته شام ​​جي پروگرامن ۾ چيو ويندو آهي ته اسٽيبلشمينٽ هي ڪري ڇڏيو ۽ هو ڪري ڇڏيو، سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪو به مسئلو ناهي، اسٽيبلشمينٽ کي هن مسئلي کان ٻاهر رکو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪنهن به هٿياربند گروهه کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، طاقت جي استعمال جو حق رڳو رياست وٽ آهي، نفرت انگريز مواد ۽ دهشتگردي پکيڙڻ واري بيانيي کي ناڪام بڻايو اٿئون. هن چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان سان معاهدو 9 ڊسمبر تي ختم ٿي ويو هو، هنن جا ڪجهه مطالبا ناقابل قبول هئا، هاڻي سندن خلاف آپيشن هلي رهيو آهي، ساڻن ڳالهيون پاڙيسري ملڪ جي درخواست تي شروع ڪيون هيون. هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪ افغان سرحد تي لڳندڙ باڙ (ڪنڊيدار تار) ۾ اسانجي جوانن جو خون شامل آهي، 94 سيڪڙپ ڪم مڪمل آهي باقي به جلد ٿيندو. هڪ ٻن جاين تي ڪجهه شرپسندن گڙ ٻڙ ڪئي ان بابت افغانستان حڪومت سان ڳالهيون هلن پيون ۽ جلد حل ڪڍيو ويندو. هن چيو ته اسمگلنگ روڪڻ، تجارت کي تحفظ ڏيڻ ۽ ٻنهي پاسن جي شهرين کي تحفظ ڏين آهي. هن چيو ته هي باڙ تقسيم نه پر تحفظ لاءِ آهي هي امن جي تار آهي. هن چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ايف سي جون 67 ونگز جو اضافو ڪيو ويو 2021 ۾ اڃا ڪجهه وڌيڪ ونگز قائم ڪري رهيا آهيون بارڊر مئنيجمينٽ بهتر ڪنداسين. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ڇا جنرل باجوا 2022 ۾ ٻيهر ملازمت ۾ واڌ وٺندو ته هن چيو ته اهڙن بي بنياد الزامن ۾ نه پوڻ نه گهرجي. ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي هن چيو ته گهڻي ڀاڱي ايل او سي تي ٺاپر رهي پر ڀارت تازو دراندازي جو جيڪو الزام هڻي هڪ نوجوان کي شهيد ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته شبير نالي دهشتگرد کي قتل ڪيو آهي، ان نالي وارو همراهه جيئرو آهي ڪرن سيڪٽر ۾ رهي ٿو. هن نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ۽ سيڪورٽي فورسز جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي ٻڌايو ته آپريشن رد الفساد ۾ 60 هزار انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا، دهشتگردن جا اڏا تباهه ڪيا، 70 هزار لينڊ مائينز ختم ڪري شهرين کي جاني نقصان کان بچايو. سيپيڪ خلاف ڪيترا منصوبا ناڪام بڻايا آهن. سيڪورٽي پاليسي بابت هن چيو ته ان تي عمل درآمد لاءِ مڪينزم ٺاهيو پيو وڃي، اهو جلد نه ٿيندو وقت لڳندو. سٺي ڳالهه اها آهي ته پاليسي منظور ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو