نواز جو ٻاهر وڃڻ فراڊ هو، شهباز شريف خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا نواز شريف ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي صدر ميان شهباز شريف خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته وفاق فيصلو ڪيو هو ته جيڪڏهن نواز شريف ملڪ ڇڏڻ چاهي ته 7 ارب رپين جا ضمانتي مچلڪا جاري ڪندو، ان وقت شهباز شريف عدالت سان رابطو ڪيو. عدالت ۽ نواز شريف ذاتي ضمانت تي ملڪ روانو ٿي ويو، 17 مهينن کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته نواز شريف جو وڃڻ مڪمل فراڊ هو. هن چيو ته نوازشريف پاران سندس صحت بابت موڪليل رپورٽن کي پنجاب حڪومت رد ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي رپورٽون نواز شريف جي اڳوڻين رپورٽن سان مطابقت نه رکن ٿيون، نواز شريف جي صحت بابت ڊرامو رچايو ويو. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پاڪستاني سفارتخاني کي شريف خاندان ۽ سفارتخاني جي ڊاڪٽرن سان رابطي ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو هو ته هو نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽن جو جائزو وٺن، پاڪستاني سفارتخاني هاءِ ڪورٽ شريف خاندان سان ٻه ڀيرا رابطو ڪيو ۽ شريف خاندان جون ٻه ڀيرا رپورٽون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ واري فراڊ ۾ شهباز شريف برابر جو شريڪ ۽ ذميوار آهي. وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي آهي ته هو شهباز شريف کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ طلب ڪري ۽ سندس حلف نامي موجب نواز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ قدم کڻي، ٻي صورت ۾ شهباز شريف کي نااهل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪوڙو حلف نامو ڏيڻ ڏوهه ۽ آرٽيڪل 63 جي ڀڃڪڙي آهي جنهن تحت شهباز شريف کي سزا ملڻ گهرجي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته اسڪول ۽ مارڪيٽون بند ڪرڻ بابت غلط فهمي نه پکيڙي وڃي، حڪومت هن ڀيري لاڪ ڊائون نه ڪرڻ جو متفقه فيصلو ڪيو آهي.فواد چوڌري چيو ته اسلام آباد ۾ 15 اپريل تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن کان اڳ اليڪشن ڪميشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون اي وي ايم تي ٿي سگهن. ان سلسلي ۾ تبديلي واري سوال تي وفاقي وزير چيو ته ڌمڪيون ڏيڻ سڀني جو حق آهي. ن ليگ جي اندروني صورتحال کي ڏسندي لڳي ٿو ته جلد ئي سندن پنهنجا ماڻهو پارٽي ڇڏي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو