نوازشريف پئسا واپس ڪري جتي مرضي وڃي رهي،فواد

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف کي جيل ۾ رکڻ نٿا چاهيون، هو پئسا واپس ڪري ۽ جتي مرضي هليو وڃي، احتساب جي عمل کي هر صورت ۾ آخري انجام تائين پهچائڻو آهي.گلگت بلتستان کي عبوري آئيني صوبو ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون. سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اسڪردو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ سڀني کان وڏو شيئر وفاقي حڪومت ڏنو آهي. عوام دوست ۽ تاريخي بجيٽ پيش ڪيو ويو. عبوري صوبي جي معاملي تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. اڳوڻي(ن) ليگ جي حڪومت گلگت بلتستان جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو.روڊن جي خراب حالت اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جو ثبوت ڏئي رهي آهي. سياحت جي ترقي لاءِ جيترون فلائيٽون هلايون پيون وڃن ان جي ماضي ۾ ڪابه مثال نه آهي. فواد چوڌري چيو ته گلگت بلتستان جا ماڻهو پاڪستان سان جڙيل آهن. گلگت بلتستان ۾ لوڪل گورنمنٽ جي جوڙجڪ جي ضرورت آهي.اسان امن جي لاءِ سنجيده آهيون. مودي جي ڪشمير پاليسي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪريون ٿا. ڪشمير جي آزادي لاءِ اسان اقتصادي قربانيون به ڏنيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو