نواب اڪبر بگٽي ۽ هڪ سنڌي نياڻي شازيہ خالد،ذوالفقار قادري

هي قصو گمبٽ لڳ کهڙا واسي ڊاڪٽر شازيہ جو آھي جنهن جو خاندان کهڙا مان لڏي ڪلفٽن ڪراچي شفٽ ٿي چڪو هو شازيہ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو مان گريجوئيشن ڪئي هاوس جاب بعد هو نوڪري لا۽ مختلف هنڌن تي درخواستون ڏيندي رهي آخر پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ ۾ سئي گئس فيلڊ بلوچستان ۾ ليڊي ميڊيڪل آفيسر جي نوڪري لا۽ ڪامياب ٿي وئي 23 جون 2003ع تي ڊاڪٽر شازيه سئي فيلڊ ڊيره بگٽي ۾ نوڪري کي جوائن جلد ئي سندس مڙس انجنيئر خالد امان کي به چائنہ جي پئٽروليم ڪمپني ۾ نوڪري ملي وئي خالد کي ڪمپني ٽريننگ لا۽ سوڊان موڪليو بعد ۾ ليبيا موڪليو ويو ڊاڪٽر شازيه جو مڙس انجنيئر خالد امان کهڙا واسي هو سندس خاندان ڪراچي منتقل ٿي چڪو هو اهڙي طرح هن جوڙي جي زندگي پئي گذرندي هئي ڊاڪٽر شازيه پي پي ايل فيلڊ سئي جي ملازمن لا۽ جوڙايل هڪ گهر ۾ رهندي هئي جڏھن تہ جنهن اسپتال ۾ سندس ڊيوٽي هئي اها اسپتال بہ پي پي ايل فيلڊ اندر ئي جڙيل هئي پي پي ايل منسٽري آف پيٽروليم جو هڪ ذيلي ادارو آھي جنهن جو ڪم پاڪستان جي مختلف علائقن مان تيل ۽ گئس جي ڳولها ڪري مختلف ڪمپنين کي فراهم ڪرڻ آھي سئي شھر ڊيره بگٽي کان ڏھن ميلن جي مفاصلي تي آھي پاڪستان ۾ گئس جو پهريون ذخيرو پنجاه جي ڏھاڪي ۾ سئي شهر مان مليو هو سو ان گئس کي ان شهر سان منسوب ڪندي گئس کي سئي گئس جو نالو ڏنو ويو سئي ۾ گئس جا کوه انهن کوهن مان گئس ڪڍي پيوريفڪيشن پلانٽ تائين آڻي صاف ڪري پو۽ ٽربائن سسٽم ذريعي ملڪ جي مختلف علائقن کي فراهم ڪئي ٿي وڃي پلانٽ ھڪ وڏي وسيع ايراضي تي پکڙيل آھي جتي پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن جا گهر . ملازمن لا۽ اسپتال ۽ ٻيا دفتر قائم آھن پلانٽ جي سيڪيورٽي قانون نافذ ڪندڙ اهلڪارن تي مشتمل ڊفينس سيڪيورٽي گارڊ جي حوالي ٿيل آھي اندر وڃڻ ايترو آسان نه آھي شناخت ۽ سيڪيورٽي پاس کان سوا۽ ڪنهن کي بہ اندر وڃڻ جي اجازت ڪونهي اهڙي سخت سيڪيورٽي ۾  2 ۽ 3 جنوري 2005ع جي هڪ رات سئي فيلڊ جي سيڪيورٽي جي زميوار اداري ڊفينس سيڪيورٽي گارڊ جي هڪ ڪيپٽن حماد ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر شازيہ خالد جي گهر ۾ گهڙي ڊاڪٽر شازيہ سان جنسي ڏاڍائي سان گڏ مزاحمت تي کيس زخمي پڻ ڪيو اهڙي واقعي کي پي پي ايل انتظاميہ ڳجهو رکيو ڇو تہ پي پي ايل فيلڊ اندر اهڙو واقعو ڪا معمولي ڳالهه نه هو ڊاڪٽر شازيہ کي زخمي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو هوش اچڻ تي ڊاڪٽر شازيہ پنهنجي مڙس کي ليبيا فون ڪري گهرايو ٻئي طرف جيئن ئي شازيہ خالڊ سان جنسي ڏاڍائي جي خبر سئي ۽ ڊيره بگٽي جي قبائلين کي پئي تہ تاءٗ پکڙجي ويو بگٽي قبيلي جي هٿياربندن سئي پلانٽ سميت مختلف سرڪاري تنصيبات تي راڪيٽ حملا ڪئا نواب اڪبر بگٽي اعلان ڪيو ته سنڌ جي نياڻي سان اسان جي علائقي ۾ ٿيل زيادتي اسان جا ڪنڌ نوائي ڇڏيا آھن جيسين ڪيپٽن حماد اسان جي حوالي نہ ڪيو ويندو سرڪار سان ڪو بہ ٺاه نه ٿيندو نواب اڪبر بگٽي جي ان اعلان بعد وڏي پئماني تي فوجي دستا ڊيره بگٽي ۽ سئي اماڻيا ويا ڊيره بگٽي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو  نواب اڪبر بگٽي جي قلعي تي بمباري جي نتيجي ۾ قلعي جو وڏو حصو تباه ٿي مشرف سرڪار ڳجهه ڳوهه ۾ ڊاڪٽر شازيہ ۽ سندس مڙس انجنيئر خالد امان کي زوري برطانيہ اماڻي ڇڏيو حڪومت نواب اڪبر بگٽي جي ڀيڻيوي مير شير باز مزاري . چوڌري شجاعت سميت ڪئين ماڻھو نواب اڪبر بگٽي ڏانهن ٺاه لا۽ موڪليا پر نواب اڪبر بگٽي ڪيپٽن حماد جي حوالگي تائين ڪنهن بہ ٺاه کان انڪار ڪري ڇڏيو آخر نواب اڪبر بگٽي پنهنجو قلعو ڇڏي ترنتائي جي جابلو غارن ۾ وڃي رهيو جتي 26 آگسٽ 2005ع تي سيڪيورٽي ادارن طرفان سندس ٺڪاڻي تي گائيڊيڊ ميزائل جي حملي ۾ نواب اڪبر بگٽي پنهنجي ساٿين سميت شهيد ٿي ويو

پهنجو تبصرو موڪليو