ننڍڙي ايٿليٽ ملاڪ فيصل علي ظفر سان ملڻ جي خواهشمند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ننڍڙي ايٿليٽ ملاڪ فيصل ظفر پاڪستان راڪ اسٽار علي ظفر سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. گلوڪار علي ظفر مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن 2020 جون بهترين سياحتي جڳهن جي فهرست شيئر ڪندي لکيو ته ڪڏهن پاڪستان به اچو. جنهن جي جواب ۾ ملاڪ فيصل ظفر لکيو ته مان پاڪستان اچڻ جو ارادو رکان ٿي ۽ توهان سان ملي پنهنجو ايندڙ پراجيڪٽ شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي. ملاڪ فيصل وڌيڪ لکيو ته ان جو پراجيڪٽ علي ظفر جي گانن کان متاثر آهي ۽ ان جي رليز ٿيڻ کان اڳ ان جي راءِ ڄاڻڻ ٿي چاهيان. گلوڪار چيو ته ملاڪ فيصل ظفر سان ملاقات ڪرڻ ان لاءِ وڏو اعزاز آهي جنهن کان پوءِ ملاڪ فيصل ظفر علي ظفر جو شڪريو ادا ڪندي ان کان ملاقات ڪرڻ جا تفصيل گهريا. واضح رهي ته تازو گلوڪار علي ظفر پنهنجي هڪ مداح جي خواهش تي بلوچي گانو ڳائيندي ان کي خيرمقدم ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو