ننڍي عمر جي ٻارن تي جنسي تشدد، لارڊ نذير ڏوهي قرار

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي عدالت پاڪستاني نزاد برطانوي پارليامينٽ جي اڳوڻي ميمبر لارڊ نذير احمد کي 1970ع ۾ ٻن ننڍي عمر جي ٻارن سان جنسي زيادتي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي آهي. بي بي سي موجب لارڊ نذير احمد هڪ نيننگر سان غير اخلاقي حرڪت ۾ ملوث هو جڏهن ته هن نوجواني ۾ يارڪشائر جي شيفيلڊ ڪرائون ۾ هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ سان به زيادتي جي  ڪوشش ڪئي هئي، 64 سالن جي نذير احمد انهن الزامن کي رد ڪندي اپيل جو فيصلو ڪيو آهي. جج لويئر لارڊ نذير احمد سزا جو فيصلو بعد ۾ ڪندو. هن جي ٻن ڀائرن تي به جنسي تشدد جا الزام ثابت ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو