ننڍي عمر جي شادي گهوٽ ڪنوار لاڪ اپ، مولوي فرار

خيرپور( محمد علي جانوري ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ننڍي عمر جي 14 ساله صائمه ڌيءُ غلام علي چانڊيو ويٺل اوستا گاهي محله خيرپور کي 13 ساله غلام حسين پٽ غلام شبير چانڊيو ويٺل لاڙڪاڻو سان وارثن پاران لکين روپيه وٺڻ بعد زبردستي شادي ڪرائڻ واري اطلاع تي ايس ايڇ او بدرالدين ڀٽو اوستا گاهي شادي ڪندڙ جوڙي سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري اي  سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ڪنوار کي وومين ٿاڻي تي پوليس تحويل ۾ رکيو ويو. ايس ايڇ او وومين ٿاڻو رضيه شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ننڊي عمر ۾ شادي ڪندڙ گھوٽ ڪنوار کي جمع ڏينهن خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت ننڍي عمر واري ڪنوار 14 ساله صائمه جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته صائمه کي سندس وارثن حوالي ڪري سندس وارثن کي زبردستي شادي نه ڪرائڻ جو پابند ڪيو آهي. جڏهن ته گھوٽ ۽ وارثن کي آخري اطلاعن تائين پوليس تحويل ۾ رکيو ويو هيو ۽ آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

پهنجو تبصرو موڪليو