نندي پور پاور پلانٽ : ملزمن تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي احتساب عدالت نندي پور بجلي گهر منصوبي بابت ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ اڳوڻي وفاقي وزير بابر اعواڻ سميت 7 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي، نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾بلا جواز دير واري ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، احتساب عدالت سمورن جوابدارن تي فرد جرم لڳائي ڇڏيو، جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ريفرنس جي جوابدارن ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، اڳوڻو وفاقي وزير بابر اعواڻ، اڳوڻو سيڪريٽري رياض ڪياني، مسعود چشتي، اڳوڻو ڪنسلٽنٽ شميلا محمود، اڳوڻو جوائنٽ سيڪريٽري رياض محمود ۽ اڳوڻو سيڪريٽري شاهد رفيق شامل آهن، جن تي نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ دير ڪرڻ تي قومي خزاني کي 27 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي، واضح رهي ته نندي پور پاور پراجيڪٽ پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٺهيو هو، جنهن ذريعي 525 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته مختلف سياسي جماعتن پاران منصوبي ۾ ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا هئا، رپورٽس موجب 2005ع ۾ ٺهندڙ نندي پور پاور پراجيڪٽ جي لاڳت 22 ارب مان وڌي 58 ارب تائين پهتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو