بابراعواڻ جي بريت، پي پي ۽ مسلم ليگ جي تنقيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نندي پور پاور پروجيڪٽ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ کي بري ڪري ڇڏيو جڏهن ته راجا پروز اشرف سميت ٻين ملزمن جي آزادي واريون درخواستون رد ڪندي مٿن ڪيس هلائڻ جو فيصلو ٻڌايو. احتساب عدالت ۾ بابر اعواڻ، راجا پرويز اشرف، رياض ڪياني، شمائله محمود ۽ ڊاڪٽر رياض محمود جي بريت جون درخواستون داخل ڪيون هيون. عدالت بابر اعواڻ ۽ جسٽس رٽائرڊ رياض ڪياني سابق سيڪريٽر قانون جي بريت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون. ياد رهي ته نندي پور پاور پروجيڪٽ جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي 27 دسمبر 2007 ۾ منظوري ڏني، جنوري 2008 ۾ معاهدو ٿيو چيني ڪمپني ڊونگ فينگ سان ۽ انهن ٻن ڪمپنين جي ڪنسورشيم کي فنانسنگ لاءِ پاڻ سان ملايو، پروجيڪٽ جي تڪميل جي شيڊول بابت پاڻي ۽ بجلي واري وزارت، قانون واري وزارت کان راءِ طلب ڪئي ته هنن فائيل دٻائي ڇڏيو، ان دوران بابر اعواڻ پيپلز پارٽي جو وفاقي وزير قانون ۽ جسٽس رٽائرڊ رياض ڪياني سيڪريٽري قانون هئا، بعد ۾ جڏهن کين تڏهوڪي چيف جستس افٽخار چوڌري سان اختلافن سبب هٽايو ويو ته نومبر 2011 ۾ وزارت قانون راءِ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي موڪلي ڏني. ان دوران ڊاالر جو ملهه وڌڻ سبب پروجيڪٽ جي ڪاسٽ حد کان وڌي وئي ۽ قومي خزاني کي اربين روپين جو نقصان ٿيو. ان دوران گهرايل مشينري بنرگاهه تي سڙندي رهي، ڪسٽم ڊيوٽي ۽ پورٽ چارجز به وڌي ويا. ياد رهي ته بابر اعواڻ بعد ۾ پي پي ڇڏي تحريڪ انصاف م هليو ويو ۽ کيس قانون جو وزير ٺاهيو پئي ويو ته نيب جو ڪيس سامهون آيو، هاڻي امڪان آهي ته کيس وزير قانون بڻايو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري ان تي تبصرو ڪندي چيو ته هڪ ئي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف ۽ اپوزيشن لاءِ ڌار ڌار پيمانا آهن. هن چيو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪو پي ٽي آءِ ۾ آهي اهو آزاد ۽ اپوزيشن وارا جيل م. هوڏانهن مسلم يگ جي رانا ثناءُالله به انتي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي نيازي ۽ نيب جي ڳٺ جوڙ جو هڪ ٻيو طبوت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو