نمل ناليج سٽي لاءِ علي ظفر سفير مقرر

ڪراچي (ويب ديسڪ) وزيراعظم عمران خان نمل ناليج سٽي پروجيڪٽ لاءِ نامياري گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر کي سفير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. علي ظفر هڪ ٽوئيٽ ذريعي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ۽ اهم پروجيڪٽ لاءِ سندس مقرر وڏو اعزاز آهي. هن چيو ته هو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم نمل يونيورسٽي ميانوالي ۾ ناليج سٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو