جوزجان تي قبضي بعد طالبان شبرغان جيل جا قيدي آزاد ڪري ڇڏيا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان پاران نمروز صوبي جي گادي واري شهر زرنج تي قبضي بعد جوزجان صوبي جي گادي واري شهر شبرغان تي به قبضو ڪري ورتو آهي. 24 ڪلاڪن ۾ طالبان ٻن صوبائي گادي وارن شهرن تي قبضو ڪيو آهي. شبرغان جي جيل مان سوين قيدي آزاد ڪري ڇڏيا آهن. سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل آهي جنهن ۾ قيدي ڪافي خوش نظر اچي رهيا آهن. شبرغان ڪامريڊ رشيد دوستم جو هوم ٽائون آهي ۽ هو هفتو اڳ ترڪي مان علاج بعد وطن واپس پهتو هو. سندس 150 حامي فوج سان ملي مزاحمت ڪري رهيا آهن. افغانستان جي حڪومت لاءِ هي تمام وڏو ڌچڪو آهي. زرنج پهريون صوبائي هيد ڪوارٽر آهي جنهن تي طالبان قبضو ڪيو آهي. طالبان نمروز تي جمعي تي قبضو ڪيو هو، هن وقت فوجي بيس ڪيمپ کانسواءِ سچي علائقي تي طالبان قابض آهن، فوجي بيس تي قبضي لاءِ لڙائي جاري آهي.

Chart courtesy to BBC

پهنجو تبصرو موڪليو