نمبر ون ٽينس اسٽار جج کي بال هڻڻ تان نااهل قرار

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ٽينس جي نمبر ون رانديگر نوواڪ جوڪووچ کي ڪاوڙ مهانگي پئجي وئي، ميچ دوران ڪاوڙ ۾ لائن جج کي بال هڻڻ سبب کيس يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.هو ڪرينو بستا سان ميچ کيڏي رهيو هو ۽ پهرين سيٽ ۾ کيس 5 جي ڀيٽ ۾ 6 پوائنٽ تان شڪست ملي ته هو ڪاوڙجي پيو. هن غير ارادي طور بال اڇلايو جيڪو لائن جج جي ڳچي ۾ لڳو ۽ هوءَ زمين تي ڪري پئي. عورت جج جو ساهه گهٽجڻ لڳو. جوڪوووچ ۽ ٻيا سڀ متاثره لائن جج وٽ پهتا ۽ جوڪووچ کائنس معافي ورتي.

ڪيمرا ۾ نظر اچي ٿو ته جنهن مهل هن بال هنيو ته هو ٻئي پاسي ڏسي رهيو هو. جنهن بعد ميچ ريفري ٻئي سيٽ ۾ سندس مخالف کي ڪامياب قرار ڏيندي کيس ٽورنامنٽ لاءِ نا اهل قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جنهن بعد هو حريف رانديگر سان هٿ ملائڻ بعد ريفريز سان هينڊ شيڪ کانسواءِ هليو ويو. بعد ۾ هن انسٽا گرام تي پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته هي سڀ ڪجهه غلط ۽ اڻڄاڻائي ۾ ٿيو آهي هو ان تي ڏکارو آهي ۽ هڪ دفعو ٻيهر معافي ٿو وٺي. نا اهلي سبب کيس ملندڙ فيس، انعام ۽ رينڪنگ به متاثر ٿيندي.ياد رهي ته اهڙو هڪ واقعو آسٽريلن اوپن ۾ 1990 ۾ پيش آيو هو جنهن ۾ جان ميڪ اينرو کي نااهل قرار ڏنو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو