نقيب الله ڪيس ۾ 5 پوليس وارن جي ضمانت جون دخواستون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله محسود سميت چئن ڄڻن کي دهشتگرد ڄاڻائي مبينه جعلي مقابلي ۾  قتل ڪرڻ جي  ڪيس ۾ گرفتار رائو انوار جي 5 ساٿي  پوليس اهلڪارن جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون . عدالت اهڙو حڪم جمعي تي ڄاڻايل ڪيس ۾ گرفتار سب انسپيڪٽر غلام نازڪ سميت محمد اقبال، الله يار ڪاڪا، شڪيل فيروز ۽ رئيس عباس زيدي پاران داخل ڪيل ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل اهو موقف اختيار ڪيو هو ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڏوهه ۾ ملوث هجڻ بابت ناقابل ترديد ۽  پڪا ثبوت موجود آهن جنهن ڪري سندن ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي جڏهن ته جوابدارن پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته اهي بي گناهه آهن. ڪيس جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ رائو انوار سميت ٻن جوابدارن جي اڳ ۾ ئي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي جنهن جي بنياد تي سندن ضمانت پڻ منظور ڪئي وڃي جنهن بعد  عدالت ڄاڻايل پنجن ئي  جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ڄاڻايل جوابدارن خلاف  دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي. ڪيس ۾ ملير جو اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار احمد ۽ سندس ويجهو ساٿي ڊي ايس پي قمر احمد ضمانت تي آزاد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو