نقلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي دوڪانن تي ڇاپا

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) اسسٽنٽ ڪمشنر وجاهت غفور ميراڻي ايگريڪلچر آفيسرن ڊپٽي ڊائريڪٽر پيربخش ڪٽپر, ايگريڪلچر آفيسر غلام الله مهر, آبادگار بورڊ جي اڳواڻن محمد عظيم بروهي, رئيس جمشيد, روينيو آفيسر عبدالعزيز ناپر سان گڏجي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڀاڻ جي دڪانن تي اوچتا ڇاپا هنيا, ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر وجاهت غفور ميراڻي ۽ ٻين آفيسرن مين بس اسٽينڊ تي واقع امام الدين انڙ, عبدالستار مهر, عامل مهر, عبدالستار ڀٽو ۽ حاجي محمد الياس بروهي جي دڪانن تي ڇاپا هنيا, جنهن دوران آفيسرن زرعي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا سيمپل وٺي چڪاس لاءِ حيدرآباد ليبارٽري اماڻي ڇڏيا آهن, ڇاپا مار ٽيم بنا لائسنس جي زرعي ڀاڻ ۽ زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين هدايت ڪئي ته هڪ هفتي اندر لائسنس ٺهرائي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو وڃي, ٻي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو