نعمان نياز جي معافي، شعيب اختر معاف ڪري ڇڏيس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي وي جي ميزبان ڊاڪٽر نعمان نياز قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر کان شو دوران نشر ڪيل بدتميزي تي غير مشروط معافي وٺـي ڇڏي آهي. شعيب اختر وڏي دل جو مظاهرو ڪندي کيس معاف ڪري ڇڏيو آهي. نعمان نياز پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آن ايئر پروگرام دوران کيس ايئن نه ڪرڻ گهربو هو. مون کي اهو سڀ ڪجهه آن ايئر ڪرڻ جو حق نه هو، اها منهنجي غلطي هئي. هن چيو ته مان پنهنجي غلطي تي هڪ ڀيرو نه پر هزارين ڀيرا معافي گهران ٿو، شعيب اختر هڪ اسٽار آهي، ڊاڪٽر نعمان نياز وڌيڪ چيو ته پروگرام کانپوءِ والد چيو ته مون کي توهان مان اها اميد نه هئي، توهان غلطي ڪئي، ان وقت شعيب اختر اسٽار ۽ مان صرف ميزبان هئاسين، مون کي معاملو سنڀالڻ گهرجي ها. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر نعمان نياز پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ اسپورٽس پروگرام ۾ پرڏيهي سپر اسٽارز جي سامهون شعيب اختر سان بدتميزي جو مظاهرو ڪيو هو، جنهن تي شعيب اختر پروگرام ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو