نظير عباسي جي جدوجهد ۾ پورهيتن جي خوشحالي جا خواب هئا

سترموري(ن س) سنڌايگريڪلچرجنرل ورڪريونين لاڳاپيل نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ضلعي ٽنڊومحمدخان پاران ڳوٺ صديق سٺيو م شھيد نظير عباسي جي39ورسي جي تقريب ٿي گذري. تقريب جي صدارت NTUF ۽ ھاري يونين جي صوبائي اڳواڻ ڪامريڊ لال بخش لالڻ ڪئي.ھن تقريب کي خطاب ڪندي لال بخش لالڻ سٺيو  چيو ته  شھيدﻧﻈﻴﺮﻋﺒﺎﺳﻲ سرمائيداري ۽ جاگيرداري ﻧﻈﺎﻡ ﮐﺎﻥ ﻧﻔﺮﺕ ڪندو ھو ﺀ ﭘﻮﺭھيت ﻃﺒﻘﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﺤﺒﺖ ڪندوھو. انھي ڏوھ ۾ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﻇﺎﻟﻤﻦ ﮬﭥﺎﻥ ﺁﮠ ﻧﮧ ﻣﭹﮡ ﺗﻲ ﺷﮭﻴﺪ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ .ﺷﮭﻴﺪﻧﻈﻴﺮﻋﺒﺎﺳﻲﺀ ﺟﻲ ﺟﺪﻭﺟﮭﺪ ۾ ﮬﻨﻦ ﻣﺴڪﻴﻦ ﺀ ﻣﻈﻠﻮﻡ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﮐﻲ ﺍﻣﻦ ﺍﻧﺼﺎﻑ ۽ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲ ﺟﺎ ﺧﻮﺍﺏ هئا.

ﺍﭲ ﺑﮧ ﮬﻦ ﻣﻠڪ ۾ ﺩﮬﺸﺘﮕﺮﺩﻱ ڪﺮﭘﺸﻦ ﺑﺪﺍﻣﻨﻲ ﻏﺮﺑﺖ ﺟﮭﺎﻟﺖ ﺑﮏ ﺑﺪﺣﺎﻟﻲ ﺑﻴﺮﻭﺯﮔﺎﺭﻱ ﺟﻲ ﺷڪﻞ ۾ ﺑﺪﺗﺮﻳﻦ ﻇﻠﻢ ﺟﺒﺮ ﺀ ڏﺍﮂ ﺟﺎﺭﻱ ﺁﮬﻲ ﺍﭲ ﺑﮧ ﻣﻠڪ ۾ ﻣﺬﮬﺐ ۽ ﺟﻤﮭﻮﺭﻳﺖ ﺟﻲ ﺁڙ ۾ ﺷﮭﻴﺪﻥ ﺟﻲ ڪوڙﻥ ﻭﺍﺭﺛﻦ ﭠﮙﻦ ﺟﻮ ﻗﺒﻀﻮ ﺑﺮﻗﺮﺍﺭ ﺁﮬﻲ. سماجي آڳواڻ ڊاڪٽر قربان خاصخيلي چيو ته شھيد نظير عباسي ھاري پورھيتن جو سچو ساٿي ھو.ھي غريب گھراڻي مان ھئڻ ڪري سڄي زندگي ھاري پورھيتن ۽ پيڙھيل طبقي جي حقن لائي جدوجھد ڪئي جيڪا ھميشه ياد رھندي. شھيد نظير عباسي جي شھادت ھن ملڪ جي غريب عوام دوست ۽ پورھيت دوست تحريڪ جي شھادت  ثابت ٿي آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته شھيد نظير عباسي طبقاتي جدوجھد کي اوليت ڏيندو ھو. هن کي وقت جي  ڊڪٽيٽرن  ٽارچر ڪري شھيد ڪيو. هن جو قتل ڪيس عدليه ۽ جمھوريت لاءِ سواليه نياني بڻيل آھي. علي اڪبر خاصخيلي  چيو ته دنيا ليول تي آڄ پورھيتن جي تحريڪن کي وڏيون مشڪلاتون درپيش آھن.انھي جي ڪري اسان کي گھرجي تہ غلامي واري زندگي کي ٿڏي ڪري شھيد نظير عباسي جي ڏيکاريل رستي تي منظم ٿي جدوجھد ڪريون. ھنن آخر۾ گھر ڪئي تہ شھيد نظيرعباسي جو قتل ڪيس ٻيھر هلايو وڃي. ان موقعي تي ٺهراءَ به منظور ڪيا ويا. جن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته  SIRA3013 تي جلد رولز جوڙي سنڌجي ھارين ۽ ماھيگيرن کي ايمپلائيز ايڪشن وارا حق ڏنا وڃن. پورھيتن جو گھٽ م گھٽ ماھوار اجورو 30000رپيہ مقرر ڪيو وڃي. ھندن جي نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذھب مٽائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي .انھي موقعي شاعر شريف ڪلو ھارين ۽ پورھيتن جا گيت ٻڌائي ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو. ان موقعي تي ڪانجي مھيشوري، محمدبخش ٽالپر ۽ ٻيا به ڪيترائي ھاري پورھيت آڳواڻ موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو