نشي آور سوپاريون رکڻ جي ڏوهه ۾ ٻه ٻه سال ٽيپ ۽ ڏنڊ

شھدادڪوٽ( ڊ  ر )ايڊيشنل سيشن جج ون اورنگزيب شاه جي عدالت پاران نشي واريون سپاريون رکڻ ۽ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 2 ڄڻن کي 2، 2 سال قيد ۽ 2، 2 لک ڏنڊ سميت هٿ آيل سوپاريون ۽ ٽرڪون سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊيشنل سيشن جج ون اورنگزيب شاه جي عدالت نشي واريون سوپاريون رکڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي 2ڄڻن  نصرت الله پٺاڻ ۽ فدا محمد پٺاڻ کي ٻه، ٻه سال قيد ٻه، ٻه لک ڏنڊ ۽ جوابدارن کان ھٿ آيل 360 سوپارين جون ٻوريون ۽ 2 ھينو ٽرڪون ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو جوابدارن کي  20 اپريل 2020 ۾ امام بخش ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو ھيو ۽ سندس مٿان سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن جي اڄ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڄاڻايل فيصلو ٻڌايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو