نجي ۽ سرڪاري اسڪول کلي ويا، نئون تعليمي سال شروع

شاهپور جهانيان (اسد ٻگهيو) سنڌ جي مختلف شهرن جيان شاهپور جهانيان ۾ به اسڪول کلي ويا آهن ۽ گرمين جي ٻن مهينن جي موڪل گذرڻ کانپوء نئون تعليمي سال به شروع ٿي ويو آهي. سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن ۾ اڄ کان نئين سال جو تعليمي سيشن شروع ٿي ويو ، جڏهن تہ اسڪول کلڻ جي پهرئين ڏينهن تي شاگردن جي حاضري گهٽ رهي ، موسمي تبديلي تحت گرمين جي موڪلن جو شيڊول تبديل ڪيو ويو هئو. هن سال پهريون دفعو جون ۽ جولاء مهيني جون موڪلون تبديل ڪري اهي موڪلون مئي ۽ جون ۾ ڪيون ويون هيون. موڪلون ختم ٿيڻ باوجود گرمين جو زور ناهي ٽٽو، بجلي جي آزار سبب اسڪولن ۾ ٻارن سخت پريشاني ۾ پهريون ڏينهن گذاريو. استاد جاويد احمد ٻگهيو ، عبدالمجيد چنڊ ، مختيار جويو ، گل حسن چنڊ ، نديم ٻگهيو ، غلام رضا لغاري ۽ ٻين پاران شاگردن جي والدين سان رابطا شروع ٿي ويا ۽ کين سندن اولاد جي اسڪول ۾ حاضري کي يقيني بڻائڻ لاء هدايتون جاري ڪيون ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو