نجي ڪمپنين جي منافعي ۾ 59 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي وبا جي باوجود پاڪستاني معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين 10 مهينن ۾ 59 سيڪڙو وڌيڪ منافعو ڪمايو آهي جيڪو گذريل 10 سالن جي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي. هن نجي شعبي تي زور ڀريو ته هو اضافي منافعي واري رقم پنهنجي ملازمن جي پگهار وڌائڻ تي خرچ ڪن. وزيراعظم چيو ته روزگار جا نوان موقعا به پيد ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو