نجي اسپتال ۾ غلط آپريشن ٿيڻ ڪري عورت فوت

گڊو(فرحان قريشي) شهيد محترمه بينظير ڀٽو هيلٿ سينٽر ۾ ويم لاءِ آيل 20 ورهين جي مسمات سارا جو ڊاڪٽرياڻي ساجده لاشاري آپريشن ڪيو آپريشن جي ڪجھ ڪلاڪن بعد عورت فوت ٿي وئي. ان سلسلي ۾ فوتي عورت مسمات سارا جي ڀاءُ خليل احمد بنگلاڻي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات ويم لاءِ ڀيڻ کي نجي اسپتال کڻائي آياسين جتي ڊاڪٽرياڻي غلط آپريشن ڪيو جنهن ڪري ڀيڻ جي طبيعت مسلسل خراب رهي ڊاڪٽرياڻي کي باربار اطلاع ڪرڻ باوجود ڊاڪٽرياڻي نمبر بند ڪري گهر هلي ويئي. ڪجھ ڪلاڪن اندر گهڻو رت وهي وڃڻ ڪري منهنجي ڀيڻ فوت ٿي وئي آهي.واضح رهي ته ايمبولينس نه هئڻ ڪري عورت جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال ۾ پيل رهيو جنهن بعد هڪ شهري پنهنجي گاڏي تي لاش کڻائي گهر پهچايو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گڊو ٻڌايو ته محمد يوسف بنگلاڻي جي گهرواري مسمات سارا آپريشن بعد فوت ٿي وئي آهي وارث لاش کي اباڻي ڳوٺ ڪرمپور کڻائي ويا آهن وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو