نثار کهڙو وري نيب جي ريڊار تي اچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو نيب هٿان گرفتار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، نثار کهڙو طرفان عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل، نيب سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري اسڪينڊل جي چوٿين انڪوائري ۾ نثار کهڙو کي 8 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته نثار کهڙو خوراڪ واري وزير جي حيثيت سان اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، هُن ضابطن جي اُبتڙ گهوٽڪي جي فلور ملز کي ڪوٽا کان وڌيڪ سرڪاري ڪڻڪ ڏني هئي.نثار ڪهڙو خلاف نيب ۾ 3 انڪوائريون اڳ ۾ ئي هندڙ آهن جن ۾ به هن ضمانت ڪرائي رکي آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو