نا اهلي يا ڪرپشن،ڪسچن پيپر ۽ جواب وارين ڪاپين ڏيڻ کان انڪار

گهوٽڪي (رپورٽ اسد مير چاچڙ) چوٿين، ڇهين ۽ ستين ڪلاس جي هلندڙ امتحان لاءِ تعليم کاتي پاران ڪسچن پيپر ۽ جواب لکڻ واريون ڪاپيون فراهم ڪرڻ کان انڪار، بجٽ جي باوجود هڪ اسڪول ۾ هڪ ڪسچن پيپر ڏئي کين چيو ٿو وڃي ته باقي فوٽو ڪاپي ڪرايو. اڱاري ڏينهن سنڏي جي پيپر ۾ گهوٽڪي ضلعي جي استادن سان آفيسريون ڪري رهيا آهن. اربع تي ٿيندڙ سائنس ۽ ڊرائنگ جي پيپرن لاءِ به جوابي ڪاپيون فراهم نه ڪيون. گهوٽڪي شهر جي مک اسڪول، اين ڊي وي سينٽر ۾ 750 شاگرد امتحان ڏيئي رهيا آهن، جنهن ۾ تعليم کاتي جي نااهلي سبب جوابي ڪاپيون 325 موڪليون ويون ۽ ڪسچن پيپر جو ٻه ڪاپيون ڏنيون ويون. 275 ٻار پيپرن ڪرڻ کان رهجي ويا. هر ضلعي کي بجٽ مليل آهي پر تعليم کاتي جا ضلعي عملدار بظاهرڪرپشن ڪري رهيا آهن. گهوٽڪي جي ٻن ٻين سينٽرز، صالح مهر ۽ ستارو مهر ۾ به سڳئي جٺ آهي. استاد محمد عثمان مهر ٻڌايو ته اڱاري تي 3 وڳي تائين جيئن پيپر ختم ٿيو ته هن ڪلارڪ انور شاهه سان رابطو ڪيو ته سڀاڻي اربع جي ٻن پيپرن لاءِ جوابي ڪاپيون ڏيو، ڪلارڪ کيس آفيس گهرايو ته کڻي وڃو. جڏهن استاد پهتو ته ڪلارڪ چيو ته انتظار ڪريو، ٻن ڪلاڪن بعد چيائين ته ڪاپيون ڪونهن تعلقي آفيسر حنان ڪلوڙ سان ڳالهايو. استاد عثمان موجب جڏهن هن ساڻس رابطو ڪيو ته هن چيو اوٻاوڙو مان ڪاپيون اينديون آهن سڀاڻي اوهان کي ڏينداسين. هن ٻڌايو ته سنڌي جي پيپر ۾ به ائين ٿيو ته پيپر ٿيڻ بعد ڪاپيون ڏنيون ويون. استاد عثمان چيو ته ڊائريڪٽر کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ استادن کي پريشان نه ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو