ناڻي کاتي جي سيڪريٽري يونس ڍاگا کي هٽائي ڪامران بلوچ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ناڻي کاتي جي سيڪريٽري يونس ڍاگا کي هٽائي نويد ڪامران بلوچ کي ناڻي کاتي جو نئون سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نويد ڪامران بلوچ جيڪو نواب شاهه جو آهي تنهن 1985 ۾ سول سروس جوائن ڪئي هئي ۽ 2021 ۾ رٽائر ٿيندو. ڪامران بلوچ ان کان اڳ م خيبرپختونخوا جو چيف سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. انهن بدلين ۽ مقررين جواسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته انفرميشن ٽيڪنالوجي، جي سيڪريٽري معروف افضل کي وري ڪابينا ڊويزن جو نئون سيڪريٽري مقرر ڪيو پيو وڃي.

يونس ڍاگا کي هٽائڻ جو اعلان سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين هارون شفيع جي مستعفي ٿيڻ جي اعلان کان هڪ ڏينهن پوءِ ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس ڍاگا کان ناڻي بابت مشير حفيظ شيخ خوش نه هو ڇو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران هو اسد عمر جي لائن وٺي رهيو هو جنهن سبب ڳالهين ۾ ٻه ڏينهن دير به ٿي هئي. ياد رهي ته ڍاگا جو تعلق به سنڌ سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو