ناڪامين کي ڪاميابين ۾ بدلائڻ جا رازَ

ليکڪ جاويد سولنگي زندگي فقط ساھ کڻڻ، کائڻ پيئڻ، موج مستي ڪرڻ جو نالو  نه آھي پرھڪ تسلسل بہ آھي روزمرہ جي زندگي جي مسئلن، پريشانين، ناڪامين کي منھن ڏيڻ ۽ انھن مان سبق سکڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو. زندگي آھي تہ اسان جي پر ان سان لاتعداد ٻيو ڳالھيون بہ جڙيل رھن ٿيو. جنھن جي ڪري  زندگي گذارڻ جي روانيءَ ۾ انسان کوڙ سارين  ناڪامين ۽ مسئلن کي روزانو منھن ڏي ٿو۽ ڪڏھن ڪڏھن ھمٿ بہ ساٿ ڇڏائي وڃي ٿي. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ ھڪ عام انسان کي پنھنجي ماضيءَ جي ناڪامين جي ڪھڙن رازن تان پردو ھٽائڻ گهرجي تہ جئين ھو انھن مان سبق حاصل ڪري، حال ۽ مستقبل لاءِ  ڪاميابين جي راھ ھموار ڪري سگهي؟ ھن سوال کي سمجڻ لاءِ ان کي ٻن رکن ۾ ٿا وراھيون. پھريون رک: انسان پنھنجي ڪاميابين جي حاصلات تي جشن ملھائڻ سان گڏ نجي طوري عام محفلن ۾ انھن جي تسلسل ۽ ترتيب جو اڪثر ذڪر ڪندو رھي ٿو تہ وري ڪڏھن ان تسلسل کي ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏئي مارڪيٽ ۾ پيش ڪري ٿو تہ جئين ٻيا ماڻھون بہ ان تي تسلسل تي عمل ڪري زندگي ڪامياب بڻائي سگهن. ٻيون رک: ان جي ابتڙ  انسان پنھنجي ناڪامين کي لڪائي ان مان سبق حاصل ڪرڻ، انھن کي پرکڻ جي بجاءِ پنھنجي اندر ۾ دفن ڪري سکڻ سکائڻ وارو عمل ئي بند ڪري  ڇڏي ٿو. ماضي جي ناڪامين کان اکيون بند ڪرڻ ئي ناڪامين مان سبق حاصل نہ ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. ڪن مسئلن، پريشانين کي اسان  تجربي  جي بنياد تي، ڪنھن جي مدد وٺڻ سان  يا پنھنجي صلاحيتن کي صحيح وقت تي صحيح طريقي سان استعمال ڪري ان مسئلي،پريشاني کي سٺي طريقي سان سرانجام ڏيو ٿا تہ وري ڪڏھن تجربي جي کوٽ، سُستي ۽ غلط فيصلن جي ڪري وڏي جاني، مالي ۽ نفسياتي نقصان جي وَرِ چڙھي وڃون  ٿا. ذھانت جو بھتيرن استعمال صحيح وقت تي ماضي جي غلطين مان صحيح فيصلا ڪرڻ جو راز پروڙي وٺڻ آھي ۽ قدرتي طور انسان ذھين پيدا ڪيو ويو آھي. جڏھن اسان صحيح وقت تي صحيح فيصلي جي راز کي پاڻ سان سڃاڻ ڪرائيداسين تہ پوءِ  ناڪامي کي ڪاميابي جو روپ ڏيڻ جي قابل بہ ٿي وينداسين ۽ ائين نہ چوڻو پوندو تہ ڪاش جيڪر ھيئن نہ ھونھن ڪيا ھا تہ شايد ڪاميابي ماڻي وٺا ھا. انسان وقت ۽ حالات جي مطابق پاڻ کي ھلڻ ۽ بدلائڻ جي اھليت رکي ٿو ان سان گڏ اسان جنھن معاشري ۾ رھو ٿا ان ۾ اسان جا ڪي  سچا دوست، مٽ مائٽ، خيرخواھ  بہ رھن ٿا جن جي صلاح مشوري سان بہ ڪاميابيون ماڻي سگهون ٿا. سنڌي ۾ چوڻي آھي تہ پڇڻا نہ مجهڻا، ضرورت ان امر جي آھي تہ اسان پنھنجي اَنا کي ماري، پنھنجو پاڻ کي ئي ذھين سمجهي ڪري اڪيلي سر فيصلو ڪرڻ جي بجاءِ پنھنجي دوستن،مٽن مائٽن سان ڪو بہ فيصلو ڪرڻ کان پھريان انھن کان صلاح مشورو وٺو. ٿي ٿو سگهي زندگي جي ڪنھن موڙ تي انھن سان بہ ساڳيو مسئلو درپيش آيو ھجي ۽ اسان انھن جي صلاح تي عمل ڪري، انھن جي تجربي مان سبق حاصل ڪري ڪنھن بہ قسم جي ناڪامي کي ڪاميابي ۾ بدلائڻ جو ڪو راز پرائي سگهون. اسان کي حالات سان مقابلي لاءِ ھر وقت تيار رھڻ گهرجي. ڪنھن بہ معاملي ۾ لاپرواھي ڪڏھن بہ وڏي مصيبت جو شڪاري بڻائي سگهي ٿي. جڏھن اسان ڪمپيوٽر کي انسان سان مشابهت ڪندا آھيون تہ ڪمپيوٽر مختلف قسم جا ڪم  تمام تيزي سان، صحيح طريقي سان بنا ٿڪاوٽ جي سرانجام ڏئي سگهي ٿو ۽ بيشمار معلومات گهڻي وقت تائين گڏ رکي ۽ ڏئي سگهي ٿو. ان جي باوجود ڪمپيوٽر لڪير جو فڪير آ. پر انسان لڪير جو فقير نہ آھي، ھو وقت ۽حالات جي مطابق فيصلو جي اھليت رکي ٿو. ھو احساسات، جذبات کي سمجهڻ جي قابل آھي. ناڪامي جي صورت ۾ اسان پاڻ کان معلوم ڪيو تہ مان ان مان ڇا سکيو. اسان پاڻ کان پڇون تہ ناڪامي جي صورت ۾ ملندڙ سبق مان مستقبل ۾ ڪھڙو فائدو حاصل ڪري سگهان ٿو. ان حقيقت کان بہ ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي تہ  ناڪامين مان سکڻ ٿورو مشڪل ان ڪري بہ ھوندي آھي جو ناڪامي اسان جي عزتِ نفس کي عارضي نقصان،  بدنامي ۽ شرمندگيءَ جو سبب ٿئي ٿي، ان لاءِ ئي ناڪامين تي غورفڪر ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آھي. ناڪامين مان سکڻ  مشڪل ضرور آھي پر ناممڪن ناھي. پنھنجي غلطين جو اظھار ڪرڻ ھڪ ڏکيو مرحلو آھي ۽ جيڪڏھن اسان پنھنجي غلطين جو اظھار ڪرڻ شروع ڪنداسين تہ پوءِ شايد اسان ان مان گهڻيون ئي ڪاميابين جا رازَ بہ عيان ڪري سگهنداسين. jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو