ناميارو تعليمدان پروفيسر قلندر شاهه لڪياري به وڇڙي ويو

تحرير مزمل الياس جوکيو

لاڙ جي زرخيز سرزمين جن تعليمي ماھرن کي جنم ڏنو انھن ۾ سيد قلندر شاهه لڪياري به  ھڪ آھي، جنھن پهرين مئي 1940ع تي ڳوٺ احمد ککر، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي حيدرآباد (هاڻي ضلعو ٽنڊو محمد خان) ۾ جنم وٺي، پنھنجي شروعاتي تعليم ڳوٺ احمد ککر، بلڙي شاهه ڪريم ۽ تاريخي شھر ميرپور بٺوري مان پڙھي، چانڊيا هاءِ اسڪول سجاول مان مئٽرڪ کانپوءِ تعليم جاري رکي ۽ 1969ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان انگريزي ادب ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي. گڏوگڏ بي ايڊ ۽ لائبرري سائنس ۾ ڊپلوما به  ڪئي ۽ عملي زندگيءَ جي شروعات پرائمري استاد طور 1962ع کان ڪئي ۽ 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي پروفيسر طور 2000ع ۾ رٽائر ٿيو. انگلش ڊپارٽمينٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو ۽ ھڪ ايماندار پروفيسر ھو. رٽائرمينٽ کانپوءِ به ڪيترن ئي شاگردن کي پڙهائيائين. شاهه صاحب جي رهنمائيءَ ۾ ڳچ شاگردن پي. ايڇ. ڊي ۽ ايم. فل جي تحقيق  ڪئي. ھن انگريزي ٻولي ۽ ادب تي تحقيقي مقالا لکيا ۽ ’نائي نيڻ نهار‘ نالي سان علامه اقبال جي فارسي ڪلام کي سنڌي منظوم ۾ ترجمو ڪيو آهي. سندس شعري مجمو پڻ تيار آھي. ان کانسواءِ هن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جون ڊڪشنريون پڻ ترتيب ڏنيون. پاڻ لسانيات جو ڄاڻو ھو، اھو ئي سبب آھي  پاڻ نه  صرف انگريزي، سنڌي، اردو/ هندي ٻوليون پر عربي، فارسي، پنجابي، سرائيڪي، گجراتي ۽ ڪڇي کانسواءِ فرينچ ۽ روسي ٻوليون به خوب ڄاڻندو ھو.  سنڌ يونيورسٽيءَ کيس 1999ع ۾ بهترين استاد جو چانسلر گولڊ ميڊل ايوارڊ، صدر مملڪت پاران حسن ڪارڪردگي ايوارڊ 2013ع ۾ مليو. حيدرآباد ۾ سيد قلندر شاهه لڪياري انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ پاڻ به شاگردن کي انگريزيءَ جي تعليم ڏيندو هو. ٻولي جي ماھر ھجڻ ۽ موسيقي ۽ تصوف جي شائق ھجڻ کان علاوہ ھڪ سٺو شاعر، عالم، مدبر ۽ دانشور استاد پروفيسر قلندر علي شاھ لڪياري ڪافي عرصو بيمار ھو. سندس 5 پٽن ۾ سيد قطب الحسنين، سيد لطف الحسنين، سيد سردار علي شاه، سيد عباس علي شاهه ۽ سيد ڪاظم علي شاه ۽ 3 نياڻين جو اولاد سوڳوارن ۾ شامل آھي. 4 ڊسمبر 2020ع تي نيٺ 80 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيائين. سندس وفات تي، سنڌ جي علمي، ادبي شعبي ۾ وڏو خال ٿي ويو آھي، جنھن کي ڀرجڻ في الحال ناممڪن پيو لڳي.

پهنجو تبصرو موڪليو