ناميارو اديب، تعليمي ماهر حميد سنڌي لاڏاڻو ڪري ويو

نوشھروفيروز(مشتاق مري) ناميارو اديب، تعليمي ماھر حميد سنڌي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. نوشھروفيروز ۾ 12 آڪٽوبر 1939ع تي جنم وٺندڙ عبدالحميد ميمڻ سنڌي ٻولي کي 9 کان وڌيڪ ڪتاب ارپيا جن ۾ درد ويندي جو ديس، اداس واديون، ويريون، راڻا جي رجپوت، جاڳ به تنھنجي جي سان، سوني زنجير ۽ ٻيا شامل آھن. سندس ڀٽائي تي ڪيل تحقيق تي تازو ڪتاب به شايع ٿيو آھي. حميد سنڌي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين شاھ لطيف، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جو وائيس چانسلر رھيو جڏھن ته روح رھاڻ نالي ادبي مئگزين به جاري ڪيو ۽ رٽائرمينٽ بعد روح رھاڻ جي نالي سان ادبي تنظيم قائم ڪئي ۽ زندگي جي آخري گھڙين تائين ان تنظيم پاران ادبي سرگرميون جاري رکيون. تازو سندس ڀاء ۽ رٽائرڊ صوبائي سيڪريٽري شمس الدين ميمڻ سان اختلافن سبب تمام گھڻو دل شڪسته ھو. حميد سنڌي گھڻو عرصو حيدرآباد ۾ رھيو پر پنھنجي اباڻي شھر نوشھروفيروز ۾ تدفين جي وصيعت ڪئي ھئي. سندس خانداني ذريعن موجب سندس جنازي نماز جمعي نماز بعد مدني عيدگاھ نوشھروفيروز ۾ ادا ڪئي ويندي. حميد سنڌي جي وڇوڙي جي خبر تي سنڌ جي ادبي حلقن ۽ نوشھروفيروز ۾ سوڳ جي لھر ڊوڙي وئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو