نامعلوم چورن هٿان بورنگ تي ستل نينگر قتل

ڊرگهه بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ)ڪاڇي جي شهر قصبو لڳ پي ايس پٽ گل محمد ٿاڻي جي حد رات دير سان نامعلوم چورن پاران چوري جي ناڪام ڪوشش جڏھن ته مجاهد نجم دين لغاري جي بور تي ستل 10 سال جو نينگر ذڪريا پٽ شاه محمد لغاري کي گولي هڻي موقعي تي  قتل ڪري فرار ٿي ويا، بورنگ تي ستل نيننگر سولر پليٽون چوري ڪرڻ تي مزاحمت ڪئي. واقعي کي 10ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس  جاءِ واردات تي پهتي جتي فوتي نوجوان جو لاش سول اسپتال جوهي مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس رپورٽ مطابق واقعي جو ڪارڻ معلوم ڪيو پيو وڃي ٻي طرف فوتي نوجوان جي گهر ڀاتين ۾ قهرام مچي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو