نامعلوم هٿياربند هٿان 14 سالن جي ڇوڪري اغوا

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)اي سيڪشن ٿاڻي جي حد پير بخش ڪالوني مان ڏينھن ڏٺي جو سرعام نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي گھر ۾ داخل ٿي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي زبردستي  14 سالا شاگردياڻي انعم ڌيءَ نواب سولنگي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي فوري طور ڊي ايس پي دادو سٽي عبدالخالق وڳڻ ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن سائين بخش چانڊيو جاءِ واردات تي پھچي اغوا ٿيل ناري واري عمل خلاف وارثن نعيم سولنگي. نواب سولنگي.امام بخش.سجاد سولنگي ۽ ٻين  پاران ايس ايس پي چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بند ڪري نٽهڻ اس ۽ سخت گرمي ۾ سخت نعري بازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو جنھن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون  بيھي ويون مظاهرين ميڊيا سان ڳالھائيندي مغوي ڇوڪري جي والد نواب سولنگي ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني نه آھي اسان مرد زمين جي ڪم تي ويل ھئاسين.اسان جو گھر مٿي آھي منھنجي نياڻي کي گھر مان 2 نامعلوم ماڻهون ھٿيارن جي زور تي کيس زبردستي اغوا ڪري ويا آھن ڌرڻي ھنڌ تي ايس ايڇ او اي سيڪشن دادو سائين بخش چانڊيو پهچي مظاھرين کي يقين ڏياريو ته ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪري اوھان سان انصاف ڪيو ويندو جنهن بعد مظاھرين ڌرڻو ختم ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو