نامعلوم هٿياربندن هٿان نوجوان واپاري قتل

اڏيرولال (ن سنڌيار) اڏيرولال ڀرسان هٿياربند فائرنگ ڪري واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. سيکاٽ ٿاڻي جي حد شهمير جي وسي ڀرسان نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري رڪشا ڊرائيور۽ دڪانن تي سامان وڪرو ڪندڙ ٽنڊوالهيار جي واپاري کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، نوجوان جو تعلق ڪولهي برادري سان ٻڌايو پيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو