نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن هٿان همراهه قتل

شهدادڪوٽ( ڊ  ر ) بگي روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري 45 ورهين جي لعل بخش مگسي کي سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جڏهن ته زخمي کي علائقي واسي کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال آندو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، اسپتال ۾ موجود فوتي لعل بخش مگسي جي پٽ اصغر علي مگسي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ساڻس ڪنهن سان به دشمني نه آهي پر خبر نه آهي ته  بابا کي ڪير قتل ڪري ويو آهي هوڏانهن فوتي جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش اوچتو گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو