نامعلوم جوابدارهمراهه جو شهپر ۽ اڌ ڏارهي ڪوڙي فرار

نارو(ن س) چونڊڪو فارهياڙو روڊ تي پيرسن اربيلو اڄڻ جو نامعلوم ماڻھن ڪارو منهن ڪري شھپر ۽ ڀرون ڪوڙي سخت تشدد ڪري سندس مٿو ڦاڙي روڊ تي ڦٽو ڪري ڇڏيو جنهن بعد تذليل جو نشانو بڻيل اربيلو اڄڻ کي سندس ڀاء مينهل اڄڻ سوراه ٿاڻي تي کڻي آيو. مينهل اڄڻ جي فرياد تي  سوراه ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن خلاف اين سي داخل  ڪئي وئي آھي بعد ۾ زخمي کي چونڊڪو اسپتال آندو ويو جتان زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس گمبٽ منتقل ڪيو ويو آھي. واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آھي ۽ پوليس به ڪا ڪاروائي نه ڪئي آھي. تذليل جو نشانو بڻيل اربيلو اڄڻ جي ڀاء مينهل اڄڻ اسپتال ۾ ٻڌايو ته جيسيتائين اربيلو کي هوش نه ايندو تيستائين ڪجھ نه ٿا چئي سگهون ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سوراه رفيق احمد سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ان معاملي جي جاچ ڪيون پيا وڌيڪ فريادين جي اچڻ بعد ڪاروائي ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو