نامزد ڊي جي آءِ ايس آءِ جي وزيراعظم سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي لاءِ نامزد ٿري اسٽار جنرل نديم احمد انجم جيڪو ڪراچي جو ڪور ڪمانڊر به آهي تنهن وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اربع تي شام جو ٿيل هن ملاقات بابت سرڪاري طور ڪو بيان جاري ن ڪيو ويو هو. امڪان آهي ته سندس نامزدگي جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيڻ جو امڪان آهن. ياد رهي ته گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو هو ته جمعي تائين نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو. ساڳئي وقت ذريعن جو چوڻ آهي ته ستارن جي علم جي ماهرن وزيراعظم کي 15 نومبر تائين محطاط رهڻ جو مشورو ڏنو هو جنهن سبب فوج ۾ مقررين جي ڪيل اعلان باوجود عمل ناهي ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو