نالن تي قبضا آهن، هر سب ڊويزن جي ڌار ڌار رپورٽ ڏيو، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فطري لنگهن تي اڏاوتون قائم آهن، نالن تي حددخليون هجڻ سبب برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهندو آهي. اهڙو اظهار هن بارش بعد پيدا ٿيل صورتحال بابت اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته رڳو نالن جي صفائي ڪافي ناهي، ماڻهن نالن جي ڪنارن تي قبضا ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا آهن. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري بلديات، واٽر بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرز طرفان شرڪت ڪئي وئي، برسات جي صورتحال جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته رڳو نالن جي صفائي مسئلي جو حل نه آهي، برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ لوڪل باڊيز وٽ ايس او پيز هجڻ گهرجن ۽ ان جو مستقل حل هئڻ گهرجي. ڪراچي ۾ برسات بعد ڪجهه نالا چوڪ ٿيڻ سبب مسئلا پيدا ٿيا، وڏي وزير لوڪل گورنمينٽ ۽ آبپاشي کاتي کي خراب ٿيل روڊز جي ڊزائين تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته برسات دوران جِن علائقن ۾ گهرن اندر پاڻي داخل ٿيو، اُن جي رپورٽ ڏني وڃي، شهر جي 28 ئي سب ڊويزن تي وزير ۽ صلاحڪارن جي ڊيوٽي لڳائي ويندي.سعيد غني ۽ ناصر شاهه چيو ته هو بارش دوران روڊن تي هئا ۽ پاڻي ڪڍرائڻ جي ڪم جي نگراني ڪري رهيا هئا. ناصر چيو ته اڪثر علائقن مان پاڻي نڪري ويو آهي سوشل ميڊيا تي ڪجهه دوست پراڻيون تصويرون شيئر ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو