نافرمان ۽ لالچي پٽ خلاف سندس پوڙهي امڙ جو احتجاج

مورو (ن س)پيرسن عورت پاران پنهنجي پٽن سان گڏجي پنهنجي هڪ ٻئي پٽ بشير احمد آرائين جي ظلم ۽ ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته منهنجو پٽ بشير احمد آرائين ۽ سندس ساٿي منهنجي ٻين پٽن جي زمين ڦٻائڻ لاء انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آھن ۽ ڪوڙيون خبرون هلائي رهيا آھن پيرسن عورت سڪينا بي بي زال مرحوم حاجي محمد رفيق آرائين پنهنجي پٽن محمد شفيق، محمد ارشد، محمد ياسين، محمد افضل آرائين ۽ نياڻين سان گڏجي داهيندي چيو ته  منهنجو پٽ بشير احمد آرائين غلط ماڻھن جي صحبت ۾ اچي پنهنجي ڀائرن جي خلاف ٿي ويو آهي هن جيڪا اڄ پريس ڪانفرنس ڪئي آھي ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به صداقت ناهي جيڪا ڪوڙ تي مبني آھي منهنجو مڙس پنهنجي جيئري ئي پنهنجي زمين پٽن ۾ ورهائي ويو هو هن وقت هڪ ايڪڙ پنج ويسا زرعي زمين اسان وٽ آهي جنهن ۾ منهنجي پٽ بشير احمد آرائين جو ڪوبه تعلق ناهي هي زمين ڦٻائڻ لاء بااثرن ماڻھن جي مدد سان زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسان خلاف عدالت سڳوري ۾ ڪوڙيون درخواستون پڻ ڏئي رهيو آھي جيڪي عدالت سڳوري رد ڪري ڇڏيون آھن پيرسن عورت چيو ته مونکي يا منهنجي پٽن ۽ نياڻين کي ڪجھ به ٿيو ته ان جو ذميدار منهنجو پٽ بشير احمد آرائين ۽ سندس ساٿي هوندا متاثر پيرسن عورت ۽ سندس پٽن وزير اعظم پاڪستان، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، وزير اعلي سنڌ، چيف جسٽس آف سنڌ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي اسان جي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙن کي قانوني گرفت ۾ آندو وڃي ۽ هنن خلاف سخت ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو