ناظم جوکئي جي سڄي جسم تي جهير ڏنل هئا، پوسٽ مارٽم رپورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) ڊاڪٽر ثُميه سيد ڇنڇر ڏينهن ٻڌايو ته ناظم جوکيو جي سڄي جسم تي تشدد جا نشان هئا، مٿي ۾ چڪن سبب سماغ اندر به رت ڀريل هو. ملير ۾ پيپلزپارٽي جي گرفتار ايم پي اي ڄام اويس جي فارم هائوس تي 4 ٻارن جي پيءُ ناظم جوکيو کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، جڏهن ته ٺٽي جي ڌابيجي واري علائقي ۾ مقتول جي ڳوٺ جي ويجهو قانون ساز جي پرڏيهي مهمانن تلور جو شڪار پئي ڪيو جنهن جي ويڊيو ٺاهڻ تا کيس اغوا ڪري فارم هائوس تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر محمد اريب پاران جي پي ايم سي جي مرده خاني ۾ ناظم جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ته اهو ظاهر ٿيو ته ”سڄي جسم تي زخم هئا، جن ۾ مٿو به شامل هو“،  هن وڌيڪ چيو ته مقتول جي مٿي مان اندروني خونريزي پڻ ظاهر ٿئي ٿي جيڪا مبينا تشدد جي شدت سبب هئي. سينيئر ڊاڪٽر چيو ته ”جسم تي تشدد جا نشان لڳل آهن، سخت ۽ شين سان کيس جهير ڏنا ويا ۽ ويهڪ جي جاءِ سميت پرائيويٽ پارٽس تي به سخت تشدد ٿيل هو“ هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون نشانيون پڻ آهن ته پرائيويٽ پارٽس تي سخت مار ڏني وئي هئي. پوسٽ مارٽم رپورٽ جي مواد جي مطابق، “سڄي منهن تي ڪيترائي زخم ڏٺا ويا”. هن جون اکيون سڄيل هيون ۽ منهن تي گهرا جهير هئا ۽ ڳاڙها نشان هئا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ٻئي اکيون ”زخمن سان سڄيل“ مليون آھن. ان کان علاوه، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ هيٺين چپ تي گہرا زخم ۽ “سيني جي ھڪڙي پاسي” تي ڪيترائي زخم ڏٺا ويا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي هٿن تي به گهرا جهير هئا ۽ سڄيل هئا. ميڊيڪو ليگل آفيسرن مطابق، مقتول جي پٺي تي به گهرا جهير هئا. ٻئي پاسي ايس ايس ملير عرفان بهادر جي سربراهي م جاچ ٽيم جاءِ واردات جو معائنو ڪيو ۽ اتان کين تسدد ۾ استعمال ٿيندڙ 3 لٺيون هٿ ڪيون آهن. ملير جي سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) ​​عرفان بهادر ٻڌايو ته جاچ ڪندڙن ٽيم مقتول جي ڳوٺ جو دورو پڻ ڪيو ۽ سندس گهرڀاتين جا بيان رڪارڊ ڪيا. ايس ايس پي بهادر جو چوڻ هو ته باقي ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن جيڪي روپوش آهن. مقتول جي گهر واري شيرين جوکيو پوليس کي بيان ڏنو آهي ته هوءَ پنهنجي مڙس جو ڪيس ساهه جي آخري سڳي تائين وڙهندي.

Sheerin Jokhio, wife of the Victim Nazim Jokhio

بعد ۾ هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن سندس ڏير افضل ڪو سمجهوتو ڪيو ته اهو کيس قبول نه هوندو. هن سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي اپيل ڪئي آهي تههو سندس مڙس جي ڪيس جي مالڪي ڪن هو سنڌ جو پٽ هو، ڌارين کي للڪاريو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو