جيلن جو کاتو جکراڻي حوالي، شاهه کي اضافي آبپاشي مليو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جيلن جو کاتو سيد ناصر حسين شاهه کان واپس وٺي پنهنجي صلاحڪار اعجاز جکراڻي کي ڏئي ڇڏيو آهي. جکراڻي وٽ بين الصوبائي رابطن جو کاتو به آهي. جڏهن ته سيد ناصر حسين شاهه جنهن وٽ چار کاتا هئا، جيلن جو واپس وٺڻ بعد ان کان به وڌيڪ سڻڀو کاتو آبپاشي جو کيس اضافي قلمدان ڏئي سندس چار کاتا پورا ڪيا ويا آهن. هن وٽ ورڪس ۽ سروسز، مڊهبي معاملا ۽ ٻيلو کاتو اڳ ۾ ئي مليل آهن ۽ هاڻي جيلن بدران آبپاشي جو کاتو ملي ويو. آبپاشي جو سڻڀو کاتو ڪيترن سالن کان بنا وزير جي هلندو رهيو آهي ۽ پي پي جي اعليٰ قيادت جا منظور نظر ماڻهو ان کي پردي جي پٺيان هلائيندا رهيا آهن. ناصر شاهه اڳ ۾ به وزير رهيو پر اهو کاتو کيس ڪوششن باوجود به نه ملي سگهيو پر هاڻي هو مالڪن جي توقعات تي فٽ ٿو لڳي.

پهنجو تبصرو موڪليو