ناصر جمشيد ميچ فڪسنگ جو ڏوهه قبولي ورتو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نيٺ پاڪستان جي اوپننگ بيٽسمين ناصر جمشيد به عدالت ۾ ميچ فڪسنگ جي ڏوهه جو اقرار ڪري ورتو. لنڊن جي ويسٽ مڊ لينڊ جي اولڊ بري واري علائقي ۾ رهندر 32 سالن جي ناصر جمشيد سان هن ڪيس ۾ ٻن برطانيا ۾ رهندڙ ساٿي ملزم 35 سالن جو  يوسف ۽ محمد اعجاز جيڪي برطانوي شهري آهن تن پڻ 2 ڊسمبر تي اعتراف ڪيو هو. برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي 2016 ۾ بنگلاديش پريمئر ليگ ۾ ميچ فڪسنگ ڪئي جنهن م ناصر جمشيد پاڻ به کيڏي رهيو هو.

ايجنسي پنهنجي انڊر ڪور ايجنٽ ذريعي هنن جو پتو لڳايو. هنن ميچ فڪسنگ جو اهڙو نظام تيار ڪيو جو رانديگر مخصوص اشارو ڪندو هر فڪس جا 30 هزار پائونڊ ملندا جنهن مان اڌ واسطيدار  پليئر کي ملندو. هنن ٽنهي 2017 ۾ دبئي ۾ کيڏي ويندڙ پاڪستان سپر ليگ ۾ به ميچ فڪس ڪرڻ ۾ ملوث هئا. هنن خلاد لطيف ۽ شرجيل خان سان ڊيل ڪئي جن ميچ فڪسنگ لاءِ حامي ڀري هئي. برطانوي ايجنسي ناصر جمشيد کي 13 فيبروري 2017 تي گرفتار ڪيو هو. ٽنهي ملزمن کي فيبروري 2020 ۾ عدالت سزا ٻڌائيندي. ياد رهي ته شرجيل خان تي ٻن سالن جي پابندي لڳائي وئي جيڪا پوري ٿيڻ بعد هو پي ايس ايل 2020 کيڏندو. هن گذريل ڏينهن ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ميچ فڪسنگ جو اقرار ڪندي پنهنجو گناهه قبوليندي ساٿي ڪرڪٽرن کان معافي ورتي ۽ کين چيو ته هي ڪڌو ڪم نه ڪجو. ان مهل سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو