ناسا ۽ اسپيس ايڪس جو خلائي مشن ڪاميابي سان واپس

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ناسا جي خلائي گاڏي ڪاميابي سان ٻن مهينن جو مشن مڪمل ڪري ميڪسيڪو جي خليج ۾ پاڻي تي لينڊ ڪري ورتو. هي آمريڪي خلائي تحقيقاتي اداري ناسا ۽ اسپيس ايڪس جو گڏيل مشن هو. 21 ڪلاڪن جي سفر بعد خلائي اسٽيشن کان زمين تي پهتو. جيئن ئي بيضوي شڪل جو هي ڪيپسول پاڻي تي لٿو آس پاس جون ٻيڙيون پهچي ويون جن کي هٽايو ويو.

ڪيپسول کي کولي خلابازن کي ٻاهي ڪڍڻ ۾ به وقت لڳو ڇو ته راڪيٽ جي دونهين جي اثرن کي اڳ ۾ ختم ڪرڻ پيو. ناسا ۽ اسپيس ايڪس اسٽيشن تي ان کي مانيٽر ڪيو ويو ۽ ڪاميابي سان واپس اچڻ تي ٻنهي ادارن خوشي جو اظاهر ڪيو آهي. اسپيس ايڪس ايلن مُسڪ جي ڪمپني آهي جيڪو نجي مسافرن کي خلا موڪلڻ جي تيارين ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو