ناسا پاران تجارتي سياحت لاءِ عالمي خلائي اسٽيشن کولڻ جو اعلان

نيو يارڪ(م ڊ) ناسا جي چيف مالياتي آفسر جيف ڊيوٽ چيوآهي ته ناسا، انٽرنيشنل خلائي اسٽيشن کي تجارتي مقصدن لاء کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  هن ٻڌايو ته ايندڙ سال کان عام سياح خلائي استيشن تي وڃي سگهندا. هن چيو ته اھو پهريو موقعو آهي ته عام سياحن لاءِ اها سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. مسافرن کي اوربيٽر وٺي وڃڻ لاء خاص طور تي ٻن ڪمپنين پاران خصوصي خلائي گاڏيون تيار ڪيون پيون وڃن. جن  ۾ ڊريگن ۽ اسٽارلائنر نالي جون گاڏيون تيار ٿي رهيون آهن. ناسا جي نمائندي اميد ظاهر ڪئي ته انهن ٽرانسپورٽ جي ڪئپسول نما گاڏين کي 2019 جي آخر تائين تيار ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته تجارتي سياحت جي شيڊول جو دارومدار ٽيسٽ سيريز جي نتيجن تي منحصر آهي. تنهن ڪري خانگي مشنزکي 2020 تائين انتظار ڪرڻو پوندو. انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر روبن گٽن ٻڌايو ته تجارتي سياحت شروع ٿين بعد هر سال  ٻه مختصر خلا ئي مشن موڪليا ويندا ۽ هر مشن 30 ڏينهن تائين جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو