ناري فائونڊيشن پاران ڇوڪرين لاءِ معلوماتي سيشن

سکر (جئيرام داس ) ناري  فائونڊيشن سکر پاران شرڪت گاھ جي گڏيل سھڪار سان تعلقا روھڙي جي ڳوٺن ۾ نوجوان ڇوڪرين ۽ عورتن سان توليدي صحت,ڪرونا کان بچاء جا طريقا ۽ ماھواري جي مونجھارن بابت ھڪ معلوماتي سيشن ٿي گذريو,جنھن ۾ انھن کي جنسي بلوغت مرد توڙي عورت ۾ ڪهڙي عمر کان ۽ ڪيئن شروع ٿئي ٿي؟

عام طور تي ڏهن کان يارهن سالن جي ڇوڪريءَ کي مينسز ۽ تيرهن کان چوڏهن سالن جي عمر ۾ ڇوڪري کي احتلام يا تڙ پوڻ شروع ٿيندو آهي جيڪا عمر شعوري لحاظ کان ٻنهي لاءِ ٻالڪپڻ، ناسمجهي واري هجي ٿي. پهريون دفعي پيرڊس يا تڙ پوڻ ڪري اهي ٻار ڪافي پريشان ٿي ويندا آهن ۽ پيرڊس يا احتلام کي ڪائي بيماري يا ڪائي خرابي سمجهي ڊپريشن جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ پنهنجي تعليم يا روزمرہ جي ڪمن ڪارين مان بيزاري جو اظهار ڪندا آهن جيسيتائين وڃي کين ڪوئي گهر جو ڀاتي يا پاڻ وڏو ڪوئي دوست يا سرتي گائيڊ نه ڪندو آهي. جنسي بلوغت جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اڄ معلوماتي سيشن ۾ ناري فائونڊيشن جي شازيا عباسي ۽ انور مھر انتهائي ڪارآمد معلومات ڏني ۽ جنسي بلوغت مرد توڙي عورت ٻنهي ۾ ان جي ميڊيڪل ۽ سائينٽيفڪ سببن جي روشني ۾ تفصيلي طور سمجهايو گڏوگڏ توليدي عمل ٻنهي مرد توڙي عورت ۾  پڻ سمجهايو.ناري فائونڊيشن جي شازيا عباسي ۽ ڪميونٽي فيسليٽيٽر خالدھ طرفان بهترين ڪوششن سان تيار ڪيل ھڪ ٽيبلو پڻ پيش ڪيو ويو, جنھن کي ڳوٺاڻين عورتن تمام گھڻو پسند ڪيو,ڪميونٽي جي عورتن زاھدان,رخسانا,سمينا ۽ ٻين چيو ته اسان کي ھن ڊرامي  ۾ تمام گھڻي معلومات ملي آھي اھڙي قسم جا سيشن ۽ ٿيٽر وڌيڪ ٿيڻ گھرجن جنھن سان معلومات ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو